سنڌ ريسرچ لائبريري ڏهرڪي

سنڌ ريسرچ لائبريري ڏهرڪي: سنڌ ريسرچ لائبريري، ضلعي گهوٽڪيءَ جي ڏهرڪي شهر ويجهو ڳوٺ غلام علي ڏهر ۾ پروفيسر محمد پنهل ڏهر 1984ع ۾ قائم ڪئي. محمد پنهل ڏهر شروع ۾ ’شاهه عبداللطيف‘ جي نالي سان لائبرري قائم ڪئي، جيڪا بعد ۾ عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ’سنڌ ريسرچ لائبرريءَ‘ جي نالي جديد ادب جي ڪتابن سان سينگاريائين. سندس لائبرريءَ ۾ ڪيترائي پراڻا ڪتاب ۽ ناياب نسخا پڻ موجود آهن.
1984ع ۾ لائبرريءَ جو بنياد وجهڻ کان وٺي اڄ تائين لائبرريءَ ۾ ڪتابن جو تعداد وڌندو رهيو آهي. هن وقت 6000 هزار کن ناياب ڪتاب هن لائبرريءَ ۾ موجود آهن. ان کانسواءِ اخبارن ۽ رسالن جو پڻ وڏو ذخيرو موجود آهي.
لائبرريءَ ۾ پيل قلمي نسخن جو تعداد ٻه سؤ کن آهي، جن مان 50 فوٽو اسٽيٽ ۽ ڏيڍ سؤ هٿ اکر لکيل آهن. انهن قلمي نسخن ۾ نامور عالمن مخدوم محمد حيات عادلپوري، مولانا بهاءُالدين بهائي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جا ناياب قلمي نسخا پڻ شامل آهن.
هن لائبرريءَ ۾ سنڌي، اردو، عربي، فارسي، براهوي، پنجابي، سرائڪي ۽ انگريزي ڪتاب موجود آهن، جيڪي اڪثر تاريخي ۽ تحقيقي آهن، جڏهن ته مذهب، شاعري، سائنس ۽ لسانيات جي موضوع تي پڻ ڪتاب شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو